پوليس باغ لاڙڪاڻو

پوليس باغ لاڙڪاڻو: هيءُ باغ لاڙڪاڻي شهر ۾ شاهي بازار جي اولهه پاسي کان هو. باغ جي وچ ۾ هڪ عاليشان مينار ٺهيل هو، جنهن ۾ وقت ڏيکارڻ لاءِ وڏو گهڙيال نصب ٿيل هو. هي باغ لاڙڪاڻي واسين جو مشهور تفريح گاهه هو، جتي شام جو ماڻهن جا ميلا لڳندا هئا. هي باغ ورهاڱي بعد آهستي آهستي پنهنجو اوج وڃائيندو ويو. هن وقت هن باغ جو ڪو نالو نشان ناهي. هينئر باغ جي جاءِ تي لاڙڪاڻي جي مشهور بازار ڪينيڊي مارڪيٽ ٺاهي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو